عشق نه پڇي ذات (سنڌ جا عشقيه لوڪ داستان: ڪتاب)

عشق نه پڇي ذات (سنڌ جا عشقيه لوڪ داستان: ڪتاب)

عشق نه پڇي ذات 2

عشق نه پڇي ذات 2 (سنڌ جا عشقيه لوڪ داستان: ڪتاب): سنڌ جي لوڪ عشقيه داستانن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ نامور اديب ۽ محقق محمد صالح کهڙو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ سنڌ جي ستن عشقيه داستانن جو برجستو احوال لکيو آهي. ڪتابن ۾ شامل عشقيه داستانن ۾ سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل راڻو، سورٺ راءِ ڏياچ، سهڻي ميهار، ليليٰ چنيسر ۽ نوري ڄام تماچي قابل ذڪر آهن.
ڪتاب ۾ لوڪ داستانن سان گڏ شاهه سائينءَ جو لوڪ داستان متعلق ڪلام پڻ ڏنل آهي. ڊيمي سائيز جي 208 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هن ڪتاب کي روشني پبليڪيشن 2007ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت 120 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو